پنج دريائن جو ملڪ آهي ۽ ماڻهو فرانس مان پاڻي گهرائي رهيا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ زيرِ زمين پاڻي ڪڍڻ تي واٽر ڪارپوريشن طرفان مڙهيل ٽيڪس خلاف درخواست تي صحت واري سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زير زمين پاڻي ڪڍڻ تي واٽر ڪارپوريشن جي ٽيڪس خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا سنڌو درياهه جو پاڻي انساني استعمال لاءِ ٺيڪ آهي؟
ان تي پاڻي وسيلن بابت پاڪستان تحقيقاتي ڪائونسل ( پي سي آر ڊبليو آر ) موقف اختيار ڪيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي بنا ٽريٽمينٽ انساني استعمال لاءِ ٺيڪ ناهي.
عدالت چيو ته سنڌ درياهه جو پاڻي انساني استعمال لاءِ صحيح ناهي پر 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪمپنين جو پاني موزون آهي؟ اِهو جواب ته اوهان جي رپورٽ کي ئي شڪي بڻائي رهيو آهي، جن ڪمپنين جا سيمپل پاس ناهن ٿيندا انهن جو ڇا ڪندا آهيو؟
پي سي آر ڊبليو آر جي ريجنل ڊائريڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته هو پنهنجي رپورٽ پي ايس ڪيو سي اي ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي کي موڪليندا آهن.
ان تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي ته ريسٽورنٽس کانسواءِ ڪٿي نظر ئي ناهي ايندي، هتي ماڻهو فرانس مان گهرايل پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن، پنجن دريائن جو ملڪ آهي ۽ هتي دريائن جو پاڻي غير محفوظ آهي!
ٻڌڻي دوران محمد واوڊا ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي وٽ اهڙين ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو اختيار آهي پر بوتلن ذريعي وڪرو ٿيندڙ پاڻي جي جاچ پڙتال واري رپورٽ اعتماد جوڳي ناهي، ڪمپنيون پاڻ پنهنجا سيمپل ٽيسٽ لاءِ موڪلينديون آهن.
وڪيل جي موقف تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته بوتلن ذريعي وڪرو ٿيندڙ پاڻي جون ڪيتريون ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن؟ پلاسٽ جي بوتلن ۾ پاڻي ڪيترو محفوظ آهي؟ شديد گرميءَ ۾ پلاسٽڪ جون بوتلون پيون هونديون آهن.
ان تي ڊاڪٽر شهاب امام چيو ته مائيڪرو پلاسٽڪ سنگين مسئلو آهي، مائيڪرو پلاسٽڪ سبب ڪئنسر جهيڙي بيماري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پلاسٽڪ جي بوتلن جو مدو پورو ٿيڻ باوجود وڪرو جي ذميوار ڪمپني ناهي، ان تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل پي ايس ڪيو سي اي عدالت کي خاطري ڪرائي ته ايندڙ ٻڌڻي تي سمورو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
عدالت ڊاڪٽر شهاب امام ايڊووڪيٽ ۽ محمد واوڊا ايڊووڪيٽ کي عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيو ۽ واضح ڪيو ته هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کان سيمپل گهرائي ٽيسٽ ڪرائي سگهجي ٿو.
عدالت صوبائي چيف سيڪريٽري به ايندڙ ٻڌڻي تي عدالتي مددگار طور ٿيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ بوتلن ۾ پاڻي جي وڪرو واري معاملي تي ڪميشن جوڙڻ لاءِ عدالت جي مدد ڪري.
عدالت درخواست جي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سيڪريٽري صحت ۽ ٻين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.