جنرل باجوا جي گرفتاري جا اطلاع ڪوڙا،دبئي ۾ ويٺل

لاهور(امداد سومرو) فيض حميد کانپوءِ جنرل قمر جاويد باجوا جي گرفتاري جون ڳالهيون،اڳوڻو آرمي چيف احتساب کان بچڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويو؟ تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ به چاهي ٿي ته جنرل(ر) باجوا جو ڪورٽ مارشل ٿئي،ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جنرل باجوا هن وقت دبئي ۾ ويٺل آهي، گرفتار نه ٿيڻ جي خاطري ته ملڪ واپس موٽندو نه ته ٻاهرين ملڪ ئي ويٺل رهندو،فيض حميد پڪڙجڻ بعد  اهو هُل متل هو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار به ملڪ ڇڏي ويو آهي پر هڪ صحافي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان ٻاهرين ملڪ  ۾ آهيان،پاڪستان واپس ضرور موٽندس،هن وقت هڪ ڪتاب لکي رهيو آهيان، بعد ۾ خبر هلي ته جنرل(ر) باجوا به ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويو آهي،اڳوڻو آرمي چيف هڪ ڪوڙي ماڻهو طور مشهور آهي، عمران خان فيض حميد کان لاتعلقي بعد باجوا جي ڪورٽ مارشل جو مطالبو ڪيو آهي، باجوا آخري وقت تائين عمران خان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو،هن جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻجڻ کان روڪڻ جون به ڪوششون ڪيون،فيض حميد سان گڏ گرفتار ٿيلن ۾ ٻه برگيڊيئر به شامل آهن جن ۾ هڪ حاضر سروس برگيڊيئر به شامل آهي،ان کان علاوه مشهور زمانه ڪرنل لياقت به شامل آهي جيڪو عمران خان جي دور ۾ پارليامينٽ کي هلائيندو هو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 15 آگسٽ 2024 تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.