لاهور(معظم فخر) آرمي چيف جو ڪالهه رات وارو خطاب سخت ترين هو،ان تقرير ۾ هڪ جنگجو وارو لجهو هو، ”ماري ڇڏيو يا مري وڃو“ واري صورتحال پيدا ٿي وئي،جنگ جو طبل وڃي چڪو، ايندڙ ڏينهن وڌيڪ هنگاما خيز ثابت ٿيندا،ڊجيٽل دهشت گردي ۾ ملوث عنصرن خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ٿيڻ وارو آهي،رياستي ادارن ۽ عوام وچ ۾ ويڇا پيدا ڪندڙن کي ذليل ڪرڻ جو پروگرام تيار ٿي ويو آهي،جڏهن ته عدليه ۾ به اها ڳالهه پکڙجي وئي آهي ته هاڻي عمران خان جي پٺڀرائي بند ڪرڻي پوندي،تازو 9 مئي ڪيس ۾ عمران خان لاهور کان اڊيالا پهچندڙ جاچ ٽيم جي سخت بي عزتي ڪندي پولي گرافڪ(سچ ۽ ڪوڙ پڪڙيندڙ مشين)وائيس ميچنگ ٽيسٽ ۽ فوٽوگرافڪ ٽيسٽ کان انڪار ڪندي چيو ته مون کان ٽيسٽ کان پهرين اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرايو،اهي ٽيسٽ منهنجي وڪيلن جي موجودگي ۾ ٿيندا، جنهن بعد جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم دهشت گردي ٽوڙ عدالت لاهور جي جج وٽ پهچي درخواست ڪئي ته اسان کي عمران خان کان فوٽوگرافڪ ٽيسٽ جي اجازت ڏيو جنهن تي جج هٿ مٿي ڪري چيو ته مان انهن درخواستن جي ٻڌڻي نه ڪندس، منهنجو مخلصاڻو مشورو آهي ته توهان سپريم ڪورٽ ۾ وڃو.
عمران حامي ججن کي به پيغام ملي ويو