اسلام آباد(منصور علي خان)فيض حميد جنهن ٽاپ سٽي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو آهي ان سوسائٽي جي اصل مالڪياڻي زاهد جاويد برطانيا ۾ رهي ٿي ، جنهن کي آءِ ايس آءِ جي آفيسرن رابطو ڪري چيو ته توهان جي سوسائٽي ۾ دهشت گردن جي ٽريننگ هلي رهي آهي جنهن تي زاهد جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي، منهنجي سوسائٽي تي رکيل ملازم ڪنور معيز قبضو ڪري ورتو آهي، آءِ ايس آءِ جي آفيسرن زاهده جاويد کي پاڪستان گهرايو جتي هن جي ملاقات تڏهوڪي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد سان ڪرائي وئي، اڌ ڪلاڪ جي ملاقات ۾ هڪ موقعي تي جنرل فيض زاهده جاويد کي چوي ٿو ته جيڪڏهن اها سوسائٽي اسان کي ملي وڃي ته؟ ڪو اعتراض ته ناهي؟ زاهده جاويد چيو ته مان هاڻي اچي وئي آهيان، سوسائٽي ڪنهن کي به نه ڏيندس،معاملو سپريم ڪورٽ پهتو، زاهده جاويد اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي چيمبر ۾ ملاقات ڪئي، ثاقب نثار ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ۽ ڪنور معيز کي به طلب ڪيو، هن بشير ميمڻ کي حڪم ڏنو ته عورت جي سوسائٽي تي جعلي ڪاغذن ذريعي قبضو ڪندڙ ڪنور معيز کي گرفتار ڪيو،بعد ۾ ايف آءِ اي جاچ رپورٽ ۾ زمين جي مالڪي تڪڙ ۾ تبديل ڪرڻ جي رپورٽ ڏني وئي پر ثاقب نثار پراسرار طور ڪارروائي روڪرائي ڇڏي، زاهده جاويد ٻڌايو ته ڪنور معيز ۽ جنرل فيض وچ ۾ ڊيل ٿي وئي هئي، اسلام آباد ۾ نئون ايئرپورٽ ٺهڻ کانپوءِ ان سوسائٽي جي پلاٽن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئا.