اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر جي اتحاد تحريڪ تحفظ پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پاڪستان کي ٻاهران نه پر پنهنجي دشمن کان خطرو آهي. اسلام آباد ۾ علامه راجا ناصر عباس سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمود اچڪزئي چيو ته سمورا اڳواڻ مختلف شهرن ۾ مصروف آهن، ان ڪري 14 آگسٽ تي ڪانفرنس نه ٿي سگهي. هن چيو ته انساني زندگيءَ جي سڀ کان وڏي نعمت آزادي آهي، اسان حڪمراني جو حق چاهيون ٿا پر اهو حق هيٺئين درجي تائين عوام کي ناهي ڏنو ويو. مخالف ڌر جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سوال اهو آهي ته انگريزن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي وئي؟ جيڪڏهن حڪمرانيءَ جو مطلب رستا ۽ ناليون ٺاهڻ هو ته انگريز تمام سٺو ڪم ڪري رهيا هئا. محمود خان اچڪزئي اهو به چيو ته پاڪستان، آئين ۽ پارليامينٽ اسان لاءِ سڀ کان اهم آهن. سنڌ جون پارٽيون تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل ٿي ويون آهن. هن چيو ته اسان ۾ به ڪرپشن ٿي آهي، پارٽين ۾ چندي جي نالي تي پئسا ڏنا وڃن ٿا، مان پڇان ٿو ته ڇا هڪ مزدور 700 روپين تي روزانو گهر هلائي سگهي ٿو؟ ان موقعي تي علامه راجا ناصر عباس چيو ته پاڪستان اڃا تائين حقيقي آزادي جي تصور کان محروم آهي،پاڪستان ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڪوششون ضروري آهن.