ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز طرفان آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي پاتل لباس ۽ جوتي جي قيمت بابت انڪشاف سامهون آيو آهي.
مريم نواز سياست ۾ سرگرم هجڻ سان گڏ پنهنجي ڏيک سبب به ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندي آهي.
هن پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي اڇي ۽ سائي رنگ جي خوبصورت لباس جي چونڊ ڪئي.
هڪ سوشل ميڊيا پيج طرفان مريم نواز جي سائي رنگ جي سينڊل ۽ لباس بابت دعويٰ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز جي لباس جي قيمت 34999 رپيا، جڏهن ته ان جي جوتي جي قيمت 302794 رپيا آهي.
ڄاڻايل پيج طرفان پنهنجي پوسٽ ۾ مريم نواز جي لباس ۽ سينڊل جي برانڊ جي پيج کي به ٽيگ ڪيو ويو آهي.
You might also like