نتاشا کي طلاق، پانڊيا برطانوي ناري سان يونان ۾ موڪلون ملهائڻ لڳو؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا اڳوڻي گهرواري نتاشا اسٽينڪوويچ کي طلاق ڏيڻ کانپوءِ اڄڪلهه برطانوي اداڪارا ۽ گلوڪارا جيسمين واليا سان گڏ نظر اچڻ لڳو آهي.
هاردڪ پانڊيا ۽ سربيئن اداڪارا ۽ ماڊل نتاشا مئي 2020 ۾ شادي ٿي ۽ جوڙي کي هڪ پٽ آگستيا جو اولاد پڻ آهي.
گذريل مهيني هاردڪ پانڊيا ۽ نتاشا اسٽينڪوويچ انسٽاگرام تي پنهنجي عليحدگي جي تصديق ڪئي هئي، طلاق کانپوءِ نتاشا ڀارت به ڇڏي چڪي آهي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هاڻ پانڊيا ۽ برطانوي اداڪارا ۾ ويجهڙايون وڌڻ لڳيون آهن.
رپورٽ موجب، پانڊيا ۽ جيسمين گڏ يونان ۾ موڪلون ملهائي رهيا آهن ۽ ٻئي ساڳي جاءِ تان پنهنجي، پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪري رهيا آهن.
انگلينڊ ڄائي جيسمين واليا انگلش، هندي ۽ پنجابي ٻولين ۾ گيت ڳائي چڪي آهي، ان کانسواءِ جيسمين 2018 ۾ رليز ٿيندڙ بالي ووڊ فلم سونو ڪي ٽيٽو ڪي سويٽي جو گيت ” بوم ڊگي ڊگي “ به ڳايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.