اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا فيسبڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام ۽ ٻين پليٽ فارمز تي سيفٽي فائر وال جو ٻيو ۽ آخري ڪامياب تجربو گذريل رات مڪمل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان آءِ ٽي وزارت ۽ پي ٽي اي اختياريون خاموش آهن ۽ انهن طرفان سموري معاملي جي تصديق يا تريدي ناهي ڪئي وئي.
ذريعن موجب، آءِ ٽي وزارت جي سينيئر آفيسر جو چوڻ آهي ته اِهو پي ٽي اي سان لاڳاپيل معاملو آهي پر پي ٽي اي جي سينيئر عملدارن رابطو ڪرڻ تي ڪنهن به قسم جو جواب ناهي ڏنو.
ٻئي پاسي سموري ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس ڊائون آهي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ موبائيل ايپس آئي ڏينهن متاثر ٿيڻ سبب واهپيدار سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.
You might also like