ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڊراما ليکڪ خليل الرحمان قمر هني ٽريپ جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ڇڏڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي خليل الرحمان قمر چيو ته هو ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين انتظار ڪري رهيو آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزائون ڏيارڻ چاهي ٿو .
سندس چوڻ هو ته مان انتهائي مشڪل ۾ ڦاسي پيو آهيان، هن مٽي سان مون عشق کان وڌيڪ عشق ڪيو آهي، ڇا مون کي هتي وڌيڪ رهڻ گهرجي؟ دعا ڪريو ته الله مون کي همت ڏئي، هن مٽي کانسواءِ نه جي سگهندس.
ميزبان طرفان سوال ڪيو ويو ته زندگي ۾ جيڪڏهن ڪجهه واپس وٺڻ جو موقعو ملي ته اوهان ڇا واپس وٺندئو؟
جنهن جي جواب ۾ خليل الرحمان قمر چيو ته ڪنهن اهڙي ديس تي رهڻ چاهيندس جتي ماڻهو بدتميز نه هجن، اِهو نئون ۽ تازو خيال آهي.
Prev Post
You might also like