”فيض حميد جو 9 مئي واقعن جي رٿابندي ۾ ڪردار هو“

اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي ته فيض حميد خلاف ٽي چار ٻيا ڪيس به آهن ۽ ٻين ڪيسن ۾ به انڪوائري هلي رهي آهي، ٽاپ سٽي جو ڪيس مشهور آهي ۽ ان بابت تحقيق ڪافي وقت اڳ مڪمل ٿي چڪي هئي.هڪ خانگي ٽي وي تي پنهنجو تجزيو پيش ڪندي حامد مير چيو ته فيض حميد آءِ ايس آءِ جو سربراهه، ڪور ڪمانڊر پشاور رهي چڪو آهي، سندس پاڪستان جي سياسي اشرافيه ۾ تمام گهڻا لاڳاپا هئا، هن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي جاچ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، هن شهباز شريف سان به ملاقات ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، ڪابينا جي ڪجهه ماڻهن به سفارش ڪئي پر شهباز شريف ساڻس ڪنهن به قسم جي رابطي ۽ ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو.حامد مير جو چوڻ هو ته ”ان کان پوءِ ڪجهه افواهه پکيڙيا ويا ته جنرل فيض سخت پابندين ۾ آهي، هو جيل ۾ آهي يا نظربند آهي، اهڙي ڪا به ڳالهه نه هئي، هو مڪمل آزاد هو، ان دوران سندس رابطن کي مانيٽر ڪيو پئي ويو،  جنهن دوران اهو به معلوم ٿيو ته جنرل فيض حميد جو 9 مئي 2023ع جي بغاوت جي ڪوشش جي رٿابندي ۾ ڪردار هو.حامد مير دعويٰ ڪئي ته ”گذريل سال فيض حميد بابت ڪجهه ثبوت مليا آهن ته جڏهن هو ڊي جي آءِ ايس آءِ هو ته هن ڪجهه سياسي شخصيتن ۽ صحافين کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان حوالي سان ڪي باقائده ثبوت به مليا آهن.حامد مير چيو ته حڪومت کي ڪجهه ڏينهن اڳ هن جي باري ۾ خبر پئي ته هو اڃا تائين پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي هڪ اڳواڻ پنهنجي پارٽي قيادت کي شڪايت به ڪئي آهي پر کيس چيو ويو ته کيس ٻڌڻ جي ضرورت ناهي، اها ڳالهه حڪومت تائين پهچي وئي ان تي وزيراعظم شهباز شريف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.