ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت پي ايس او ۾ مبينا غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف ريفرنس واپس وٺڻ لاءِ نيب جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي، ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پي ايس او ۾ مبينا غير قانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت نيب عملدارن جي ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪندي ريفرنس واپس نيب چيئرمين ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نيب اختيارين موجب شاهد خاقان ۽ ٻين تي اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او جي غير قانوني مقرري، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جا الزام آهن. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته 4 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ اسان جي خلاف رڳو هڪ شاهد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، هي ريفرنس ڪرپشن خلاف نه پر اختيارين جي غلط استعمال تي هو ، عدالت پهريان به چئي چڪي آهي ته هي ريفرنس غلط قائم ڪيو ويو هو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 4 سالن کان ريفرنس هلي رهيو آهي، اهو به اسان جي نظام جو احسان آهي، نيب کي جيترو جلد ختم ڪيو ويندو ملڪ لاءِ بهتر هوندو.هن چيو ته اهڙا ڪيس پوليٽيڪل انجنيئرنگ لاءِ شروع ڪيا ويندا آهن، اڄ اسان لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي ته عدالت بري ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ نئين چونڊن جي مطالبي جي سوال تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نئين اليڪشن سان به معاملا حل نه ٿيندا، چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ سياستدان گڏجي ويهن ۽ پهريان اهو طئي ڪن ته ڪيئن؟ ملڪ هلندو.
-
ڪراچي مان مردان ويل 3 سالن جي ٻارڙي زيادتي کانپوءِ قتل
ڪراچي (رپورٽر) مردان ۾ ڪراچي مان ويل ٽن سالن جي ٻارڙي کي جنسي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. ايس پي صدر ڊويزن رحيم حسين موجب ڪراچي جي مقامي عدالت جي اهلڪار جي ٽن سالن جي ٻارڙي ماءُ سان ناني جي گهر مردان جي علائقي خرڪي وئي هئي جتي 5 آگسٽ تي هو گهر سامهون راند ڪندي لاپتا ٿي وئي ۽ 8 آگسٽ تي ڳوٺ جي جبل وٽان سندس لاش مليو هو. رحيم حسين موجب پوليس جي جاچ ٽيم ٻارڙي جي قاتل کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار پوليس آڏو ٻارڙي کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. جوابدار جي ننڍي عمر هجڻ سبب قانوني طور تي سندس سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.
-
سموري ملڪ ۾ 14کان 18 آگسٽ تائين تيز برسات پوڻ جي اڳڪٿي
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) موسميات کاتي ملڪ ۾ برساتن جي نئين اسپيل جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مون سون برساتن جي هڪ ٻي ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب آزادي ڏهاڙي جي شام کان 18 آگسٽ تائين برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي پاران ڪيل اڳڪٿي موجب عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال مان ايندڙ مون سون هوائون شدت سان ملڪ جي مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿينديون، جڏهن ته اولهندي هوائون به ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿينديون. 14 کان 18 آگسٽ دوران اسلام آباد راولپنڊي سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم. تله گنگ، منڊي بهاءُ الدين، گجرات، گوجرانوالا ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. حافظ آباد، وزيرآباد، ساهيوال، جهنگ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، ننڪانه صاحب، چنيوٽ ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي.وچ پنجاب جي فيصل آباد، لاهور، شيخوپورا، سيالڪوٽ، نارووال، اوڪاڙا، پاڪپتن، قصور، خوشاب ۽ سرگوڌا وارن علائقن ۾ به تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ان دوران بهاولپور، بهاولنگر، خانپور، ڊيرا غازي خان، ملتان، ڀڪر، ميانوالي، خانيوال، لوڌران، مظفر ڳڙهه، ڪوٽ ادو، راجن پور، رحيم يار خان ۽ ليه ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.خيبرپختونخواهه ۾ 14 آگسٽ کان 18 آگسٽ تائين چترال، دير، سوات، مالاڪنڊ، باجوڙ، شانگلا، بٽگرام، بونير، ڪوهاٽ، مانسهرا، ايبٽ آباد، هري پور ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي، ان کان علاوه پشاور، صوابي، مردان، چارسده، هنگو، ڪرم، اورڪزئي، وزيرستان، بنون، لڪي. مروت ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. بلوچستان صوبي ۾ 15 آگسٽ کان 18 آگسٽ جي شام يا رات دوران خضدار، لسٻيلا، آواران، قلات، ژوب، برخان، موسيٰ خيل، مستونگ، شيراني، ڪوهلو بولان، هرنائي، جي ساحلي علائقن ۾ تيز هوائن جو امڪان آهي. نصيرآباد، جعفرآباد ۽ مڪران ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. سنڌ ۾ 15 آگسٽ کان 18 آگسٽ تائين مٺي، سانگهڙ، مٽياري، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ دادو ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۾ 15 کان 18 آگسٽ دوران ديامر، استور، اسڪردو، گلگت، گانڌي ۽ شگر ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ملڪ جي مٿانهين علائقن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.
-
وزيراعظم پاران ميرٽ تي 10 لک شاگردن کي سمارٽ فون ڏيڻ جو اعلان
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف ميرٽ جي بنياد تي 10 لک شاگردن کي سمارٽ فون ڏيڻ جو اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ۾ شهباز شريف چيو ته هو سمورا وسيلا نوجوانن جي پيرن تي بيهاري ڇڏيندو، سمورا خرچ ختم ڪري 14 آگسٽ تي معاشي بحالي واري پروگرام جو اعلان ڪندس، هن اعلان ڪيو ته 10 لک شاگردن کي ميرٽ تي سمارٽ فون ڏنا ويندا ۽ ليپ ٽاپ پڻ ڏنا ويندا. هن چيو ته هو شاگردن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ چيني ڪمپني کان مفت ٽريننگ فراهم ڪرائيندا، بئنڪون به نوجوانن کي قرض ڏيندا، بئنڪن آڏو اهو به شرط رکيو آهي ته هو نوجوانن کي ملازمت ڏيندا.شهباز شريف چيو ته ملڪ تي قرضن جا جبل مسلط ٿي ويا آهن، حڪومت، اشرافيه ۽ سڀني کي پنهنجو فرض نڀائڻو پوندو.وزيراعظم تقريب ۾ اولمپڪ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد نديم لاءِ تاڙي به وڄائي.