حيدرآباد (پ ر) سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمزا چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي وفد قاسم آباد ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمرا سمون سان ملاقات ڪري، ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف 18 آگسٽ تي ننگرپارڪر ۾ اعلانيل احتجاجي ريليءَ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي عبدالقادر رانٽو چيو ته ڪارونجھر جي ڪٽائي لاءِ سنڌ سرڪار جي جوڙيل ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ اڳ به جدوجھد ڪئي ۽ هاڻي به ڪبي. يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي. ڪٽائي خلاف 18 آگسٽ تي ننگرپارڪر ۾ زبردست ريلي ڪئي ويندي.