درگاهه شاهه نوراني روڊ جي پل لڙهي وئي، سوين زائرين ڦاٿل

لسٻيلو(يار محمد بروهي) بلوچستان جي جابلو علائقن ۾ تيز برساتن سبب درگاهه شاهه نوراني روڊ جي پل لڙهي وئي، جنهن سبب سوين زائرين پاسي  پيا آهن، درگاه شاهه نوراني جي جبلن مان ايندڙ ٻوڏ واري ريلي ۾ پل جو ڪجهه حصو لڙهي ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، سوين زائرين ڦاسي ويا.درگاه شاهه نوراني ڏانهن ويندڙ زائرين سان گڏ علائقي جي رهواسين کي به سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. درگاهه ڀرسان مختلف ڳوٺن جي رهواسين کي به ضروري شيون وٺڻ به ڏکيائي ٿي پئي آهي.ياد رهي ته درگاهه حضرت سخي سيد بلاول شاهه نوراني جي مزار تي حاضري لاءِ هر روز سڄي ملڪ مان هزارين زائرين ايندا آهن، پر گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ٽريفڪ معطل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.