مُون سان هُن جو پهريون تعارف فيض صاحب ڪرايو، جڏهن هن انٽرنيٽ واري هن گورک ڌنڌي کان گهڻو اڳ فيض جي ڪتابن ۾ سندس ڪجهه نظمن جا منظُوم ترجما پڙهيم… فيض صاحب پاران ڪيل اهي ترجما، نه رڳو اصل شاعر جي شاعراڻي عظمت جو بيان هئا، بلڪه انهن نظمن ۾ فيض صاحب جي پنهنجي دانشوراڻي سڳنڌ به شامل هُئي ۽ ساڳئي وقت اهو فيض صاحب جهڙي وڏي شاعر پاران پنهنجي همعصر هڪ ٻي وڏي عالمي شاعر جي عظمت جي مڃتا توڙي سَند به هُئي… هُو 1994ع ۾ اڪادمي ادبياتِ پاڪستان جي دعوت تي پاڪستان آيو ۽ اسلام آباد ۾ ”اهلِ قلم ڪانفرنس“ ۾ شريڪ ٿيو. ساڻس پاڪستان جي سمورن اديبن جنهن نموني سان عقيدت ۽ محبّت جو اظهار ڪيو، ان لَکا ان حقيقت جو پتو ڏنو ته 1968ع ۾ لکيل سندس ادبي شاهڪارَ ”منهنجو داغستان“، امرتا جي اها منزل ماڻي ورتي آهي، جيڪا هر قلمڪار جو خواب هوندي آهي ۽ جيڪا ڪنهن به اديب کي هميشه زندهه رکڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي.
نالو هيس رسُول حمزه تووچ حمزه توف… دنيا سُڃاتُس ”رسُول حمزه“ توف جي نالي سان… رسمي تعارف ته رُوسي شاعر، نثر نويس، مترجم، دانشور، سياستدان، ٿيئٽر نويس ۽ ريڊئي لاءِ ڊراما لکندڙ جي طور تي… پر شاعر جي پهرين ۽ آخري سُڃاڻپ شاعري ئي هُوندي آهي، پر سڄيءَ دنيا لاءِ سندس سڀ کان وڏي سُڃاڻپ: سندس ديس… ”داغستان“… جيڪا اڳُوڻي سوويت يُونين ۽ هاڻوڪي رُوس جي هڪ ننڍڙي جمهُوري رياست…جنهن کي جيڪڏهن رسُول نه ڳائي ها، ته شايد دنيا داغستان کي ايترو نه سُڃاڻي ها. هُن، ان ئي داغستان جي اتر ـ اوڀارين علائقي ”قفقازي آوار“ جي ” سدا “ نالي ننڍڙي جابلُو ڳوٺ ۾ پنهنجي تَر جي مشهور روايتي چارڻ (جيڪو جبلن ۾ پنهنجا گيت پاڻ جهونگاريندو هو) ”حمزه سداسا“ جي گهر ۾ 8 سيپٽمبر 1923ع تي اک کولي. هي ڳوٺ هڪ جبل جي چوٽيءَ تي واقع هو. رسُول، شعر لکڻ جو پهريون رسمي ”گُر“ پنهنجي پيءُ کان ئي سکيو ۽ هونئن ته مٿس مؤروثي اثر به يقيناً هوندو، پر ظاهري طور فقط 11 سالن جي عمر ۾ رسُول جي شاعري شروع ڪرڻ جو مُحرڪ جيڪو حيرت انگيز واقعو بڻيو، اهو سندن پهاڙي ڳوٺ ڀرسان هڪ جهاز جي ايمرجنسي لينڊنگ هئي، جيڪو هن ڪم عمر ٻالڪ ته ڇا! وڏن کي ئي بنهه ششدر ڪري ڇڏڻ جهڙو واقعو هو، جنهن کيس ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون ۽ سندس زندگيءَ جو پهريون تخيّل، شعر بڻجي ان جهاز لهڻ جي موضوع تي سندس قلم جي جُنبش جو باعث بڻيو ۽ ڪاڳر تي اظهاريو ويو ۽ آوار چارڻ ”حمزه سدا سا“ جو پُٽ به شعر چوڻ لڳو.
رسمي تعليم دؤران هاءِ اسڪول پُڄاڻان استادن جي تربيت واري ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ واري مرحلي ۾ داغستان جي سرحد تي جنگ لڳي ته رسُول جي تعليم حاصل ڪرڻ جو سلسلو ٽُٽو. ان جنگ لاءِ هن پاڻ به رزميه ۽ قومي انقلابي گيت لکيا، جيڪي داغستاني فوجن جو حوصلو وڌائڻ ۾ به ڪم آيا. سندس اڌ ۾ ڇڏيل تعليمي سلسلو ان جنگ پُڄاڻان 1945ع ۾ وري شروع ٿيو ۽ هن پنج سال ماسڪو ۾ جڳ مشهور رُوسي اديب ۽ سوشلسٽ ريئلزم طرزِ ادب جي بانيءَ، ”مئڪسم گورڪيء“َ (1868ع ـ 1936ع) جي نالي سان منسوب ادب جي اداري ”گورڪي انسٽيٽيوٽ برائي عالمي ادب“ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ 1950ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو، جتي سندس سنگت اڻ ڳڻين رُوسي توڙي بين الاقوامي اديبن سان ٿي. انهن پنجن سالن دؤران لاڳيتا هڪ ٻئي پُٺيان سندس شعري مجمُوعا شايع ٿيا، جنهن کيس نه رڳو سوويت يونين جي مختلف رياستن، بلڪه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ۽ سندس شاعريءَ توڙي نثر جا دنيا جي ٻين زبانن ۾ به ترجما ٿيا ۽ اهي مختلف ملڪن منجهان شايع به ٿيا. جن کيس هڪ عالمي شاعر طور مقبُول ۽ نامور بڻايو. سندس لکيل مشهور رُوسي گيت ”زهُوراولي“ جڳ مشهور سوويت نغمي طور مشهور ٿيو. ان کان علاوه به رسُول جا ڪيترا گيت عوام ۾ مقبول ٿيا، جيڪي جُڳن تائين پيا ڳائبا.
رسُول حمزه توف بجا طور تي هڪ عوامي شاعر هو، سندس شاعري صدين جي روايتن ۽ لوڪ ڏاهپ جي تسلسل هئڻ سان گڏوگڏ جدّت جي اُپٽار به هئي. ڌرتيءَ جي سڪَ سندس شعر جو مستقل رنگ هئي، جيڪو سندس سموري شعر ۾ واضح طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هُو وڏو شاعر ته هو ئي، پر ”سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري“ جو مجسّم اظهار به هو، جنهن پنهنجي ديس داغستان، پنهنجي ڳوٺ ”سدا“ ۽ پنهنجي مادري ٻولين ”آوار“ ۽ ”رُوسيءَ“ سان پيار جو جيڪو عملي اظهار ڪيو، ان سڄيءَ دنيا کي سندس محابي داغستان ۽ آوار سان عشق ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. وطن جي اها مستقل سڪَ، هڪ نهج تي انقلاب جي چڻنگ بڻجي سندس ڪلام جو خاصو ۽ انفراديت بڻجي وئي. هن وٽ رُومان جي موضوعن ۾ ماڻهن جي وچ ۾ سڪ جي سنٻنڌ، انقلابي آدرشن ۽ انهن جي حصول لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو پيغام کيس عام ۾ وڌيڪ مقبول ڪرڻ جو محرڪ بڻيو. هن نه رڳو ”منهنجو داغستان“ جهڙو شاندار نثري مجموعو ۽ ”منهنجي پيدائش جو سال“ جهڙو سهڻو شاعريءَ جو ڪتاب ڏنو، بلڪه ٻين تخليقن سان گڏ رُوس جي روشن خيال شاعر ۽ ڊراما نويس ”اليگزينڊر پشڪن“ (1799ع ـ 1837ع)، معرُوف رُوسي رومانوي شاعر ۽ چترڪار ”ميخائل ليرمونتوف“ (1814ع ـ 1841ع) ۽ مڃيل رُوسي انقلابي شاعر ۽ مُستقبليت (فيُوچرزم) جي وڏي ۾ وڏي پيروڪار ”ولادمير ماياڪوفسڪي“ (1893ع ـ 1930ع) جُون تخليقون پنهنجي مادري ”آوار“ زبان ۾ پڻ ترجمو ڪيون، جيڪي سندس ترجمي جو اعليٰ مثال آهن ۽ کيس اعليٰ درجي جي مترجم طور به متعارف ڪرائن ٿيون.
رسُول حمزه توف، ”انجمنِ مصنفين داغستان“ جو ڳچ عرصو چيئرمين به رهيو. کيس رُوسي حڪومت پاران نه رڳو ”اسٽالن انعام“ (1952ع)، ”لينن پِيس پرائز“ (1963ع)، ”هيرو آف سوشلسٽ ليبر“ (1964ع)، ”آرڊر آف سينٽ ايڊريُو“ (2003ع) جهڙا اعليٰ ترين سرڪاري اعزاز ڏنا ويا، بلڪه سندس لاڏاڻي کان 11 سال پوءِ 2014ع ۾ سندس نالي پُٺيان ”رسُول حمزه توف ايوارڊ“ پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو هر سال رُوس جي باصلاحيت شاعرن کي ڏنو ويندو آهي. کيس عالمي سطح تي به ”ليرمونتوف ايوارڊ“ ۽ ”فردوسي ايوارڊ“ سميت اڪيچار اعزازن سان نوازيو ويو. ڀارت پاران کيس ”جواهر لال نهرُو ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو.
رسُول حمزه توف 80 ورهن جي ڄمار ۾ 3 نومبر 2003ع تي رُوس جي راڄڌانيءَ ماسڪو ۾ اسان کان موڪلايو. هر باذوق پڙهندڙ کان، پنهنجي ديس جو هي فدائي ۽ ”داغستان“ جو سودائي ڪڏهن به وسرڻ جوڳو ناهي.