ڪارونجهر اسان جو جياپو آھي،ڪٽائي قبول نه ڪنداسين: سنڌي شاگرد تحريڪ

مٺي(ن ع آ )ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ننگرپارڪر ۾ احتجاج،ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي نائب  صدر ڪبير ڀيل،الله رکئي کوسي،پونم سنگهه ۽ نارائڻ سنڌي جي اڳواڻي ۾ ڪارونجهر جي هنج ۾ احتجاج ڪيو ويو،احتجاج کي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل،الله رکيي کوسي،پونم سنگهه ۽ ٻين چيو ته ڪارونجهر اسان جو جياپو آھي ڪڏھن به ڪٽڻ ڪونه ڏينداسين، ڪارونجهر رڳو جبلن جو مجموعو ناهي پر اسان جو تاريخي تھذيبي ۽ ثقافتي اهڃاڻ آھي،ڪارونجهر کي ڪنهن به صورت ۾ ڪٽڻ ڪونه ڏينداسين،احتجاج ۾ گهمڻ ايندڙ سياحن سيو ڪارونجهر پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي ڪارونجهر خاطر جهيڙو آ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا،احتجاج ۾ مڪيش ڪمار، ديال صحرائي، موهن، عالم ۽ ٻين شرڪت ڪئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.