راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سروسز سربراهن پاڪستان جي اقليتن کي مبارڪباد ڏني آهي،
آءِ ايس پي آر موجب قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتي برادري جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، اڄ جو ڏينهن شموليت ۽ گڏيل بقاءَ اسان جي عظيم قوم جي خاصيت آهي، اقليتي برادريون اسان جي سماج جون اهم ۽ لازمي حصو آهن .
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي پاران جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو ته اقليتن جا حق ۽ آزاديون مقدس ۽ آئين ۽ اسلام جي مطابق آهن.