گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي مسجد نبوي جي امام سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي مسجد نبوي صه جي امام ڊاڪٽر صلاح محمد البدير سان اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي.

گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب سان محبت ۽ احترام جي رشتي سان جڙيل آهي. خيبرپختونخواهه مذهبي حوالي سان انتهائي زرخيز آهي اسان اوهان جي دوري جي اوسيئڙي ۾  رهنداسين.

ان موقعي تي  مسجد نبوي صه جي خطيب ڊاڪٽر صلاح محمد البدير چيو ته اوهان جا جذبا عوام ۽ ملڪ جي لاءِ انتهائي تعريف جوڳا آهن مان ايندڙ پاڪستان جي دوري دوران پشاور ضرور ايندس. گورنر جي درخواست تي  مسجد نبوي صه جي خطيب خيبرپختونخواهه جي ترقي ۽ امن جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.