بنگلاديش پاڪستان جي دوري لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش پاڪستان جي دوري لاءِ 16 رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش جي قيادت نجم الحسن شنتو ڪندو، اسڪواڊ ۾ محمود الحسن، ذاڪر حسين، شادمان اسلام، مومن الحق، مشفق الرحيم، لٽن داس، مهدي حسن، تيجل الاسلام، نعيم حسن، ناهيد رانا، شريف الاسلام، حسن محمود ۽ سيد خالد محمود شامل آهن.
فاسٽ بالر تسڪين احمد ۽ آل رائونڊر شڪيب الحسن به بنگلاديش اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي، پهرين ٽيسٽ 21 آگسٽ کان راولپنڊي ۽ ٻي 30 آگسٽ کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.