پنجاب اسيمبلي ۾ ارشد نديم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ  قرارداد منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسميبلي ۾ پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان جي لاءِ 40 سالن کان پوءِ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ايٿليٽ ارشد نديم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي.

پيرس اولمپڪس ۾ عالمي رڪارڊ ٺاهيندڙ قومي هيرو ارشد نديم جي ڪاميابي تي سياسي، سماسي، شوبز شخصيتن ۽ رانديگر سميت سڀ خوشيون ملهائي رهيا آهن. ان دوران پنجاب اسيمبلي ۾ ارشد نديم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ قرارداد پيش ڪئي وئي جيڪا گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي.

قراداد ۾ ڇيو ويو آهي ته ارشد نديم گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پهريون ايٿليٽ آهي، ارشد نديم جي ڪاميابي سان پاڪستان جو نالو  عالمي سطح تي روشن ٿيو، ارشد نديم عالمي سطح تي ڪاميابيون حاصل ڪري چڪو آهي ان ڪري ان کيس قومي هيرو قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.