هڪ لک غريب گهراڻن مفت سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان، طريقيڪار واضح

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوبي ۾ هڪ لک غريب گهراڻن کي مفت سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته غريب گهراڻن کي ٻه ڪلو واٽ تائين مفت سولر سسٽم ڏنا ويندا جنهن ۾ پينلز، انورٽر، وائرنگ، پکا ۽ بلب شامل آهن.
هن اِهو به چيو ته هڪ لک سولر سسٽم لڳائڻ سان بجلي چوري ۽ لائن لاسسز ۾ گهٽتائي ايندي، احساس پروگرام تحت رجسٽرڊ غريب گهراڻن کي سولر سسٽم ڏنو ويندو.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ رڳو پينلز ڏنا پيا وڃن پر اسان پورو سولر سسٽم لڳائي رهيا آهيون، منصوبي لاءِ ويهه ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.