ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ زرعي برآمدات وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ذريعي برآمدات ۾ اضافو ممڪن آهي، ايندڙ سال لاءِ زرعي برآمدات جو هدف 7 ارب ڊالر رکيو وڃي.
پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي زرعي برآمدات جو انگ 3 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، ايندڙ سال زرعي برآمدات جو هدف 7 ارب ڊالر هجڻ گهرجي، پاڪستان وٽ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، اسان کي برآمدات ۾ واڌ جي حوصلا افزائي ڪندي في ايڪڙ پيداوار ۾ واڌ کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ ان لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن.
وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي زرعي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏين، زرعي ماهرن جي خدمتن سان زرعي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي، تحقيق ۽ ترقي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ريسرچ تي ڌيان وڌائڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ۽ ترقي ذريعي برآمدات کي وڌائڻ ممڪن آهي، پاڪستان ۾ زرعي برآمدات وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن.