شمسي توانائي تي انحصار وڌائڻو پوندو:صدر زرداري

اسلام آباد (بيورو) صدر مملڪت آصف علي زرداري  سان سنڌ جي توانائي ۽ رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبائي وزير صدر زرداري کي سنڌ ۾ سولر انرجي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت پاران موثر قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي. ناصر شاهه صدر آصف علي زرداري کي وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل سنڌ صوبي جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ تعاون جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، جنهن تي صدر آصف علي زرداري سنڌ سميت پاڪستان جي سمورن صوبن جي وفاق سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جو عزم ورجايو. صدر زرداري چيو ته توانائي جي موجوده بحران ۾ شمسي توانائي تي انحصار وڌائڻو پوندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.