اسلام آباد (م ڊ) حڪومت طرفان مهانگائي سٽيل عوام تي بجلي جو بار ڪيرايو ويو. ملڪ ۾ بجلي 2 رپيا 56 پيسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي. نيپرا ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب بجلي اگهن ۾ واڌ جون جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. لائيف لائن واهپيدارن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي واڌ لاڳو نه هوندي. نوٽيفڪيشن موجب آگسٽ جي بجلي جي بلن ۾ واهپيدارن کي واڌو ادائيگيون ڪرڻيون پونديون. سي پي پي اي نيپرا کان 2 رپيا 63 پيسا في يونٽ واڌ گهري هئي.