اسلام آباد (م ڊ) واپار واري اڳوڻي نگران وزير گوهر اعجاز آءِ پي پيز جي فرانزڪ آڊٽ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آءِ پي پيز جا پلانٽ وڏي قيمت تي لڳايا ويا ۽ پلانٽس بند رکي ڪئپيسٽي پئمنٽس ورتيون ويون. گوهر اعجاز پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته آءِ پي پيز جا دوست 20 ارب رپين کان وڌيڪ جي چارجز لاءِ سامهون اچي دليل پيش ڪري رهيا آهن ته سيڙپڪاري متاثر ٿي رهي آهي. هنن چيو ته آءِ پي پيز جا پلانٽ وڏي قيمت تي لڳايا ويا، آءِ پي پيز ۾ تيل ۽ مهانگو ٻارڻ استعمال ڪرڻ بابت غلط بياني ڪئي وئي، جڏهن ته پلانٽس بند رکي ڪئپيسٽي پئمنٽ ورتي وئي. هن چيو ته ڪنهن به جاءِ تي سيڙپڪاريءَ جي اسڪروٽني کان ڇوٽ ناهي. اهو 40 آءِ پي پيز جي خاندانن جي سيڙپڪاري جو نه پر پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.