لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڊسمبر 2022ع ۾ سنڌ اسيمبلي پنهنجا ايگزيڪيوٽو اختيار تان هٿ کڻڻ لاءِ قانون سازي ڪري وفاق کي پنهنجا اختيار ڏئي ڇڏيا جنهن قانونسازي ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم شامل هئا جنهن جي نتيجي ۾ اپيڪس ڪميٽي ۽ آءِ ايف سي رٿائن کي سامهون آندو ويو، اسين سمجهون ٿا ته ايس آءِ ايف سي ون يونٽ جو ٻيو نالو آهي. هن چيو ته سنڌ جو ڪوئلو وفاقي سبجيڪٽ ٿي ويو اهڙي طريقي سان ترقي جي نالي تي مختلف اٿارٽيز قائم ڪري سنڌ جي ٻين ادارن کي وفاق حوالي ڪيو ويو جنهن سان سنڌ جي خودمختياري متاثر ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي گذريل 16 سالن کان قبضو آهي، هن چيو ته سنڌ جي ڪوسٽل بيلٽ 270 ڪلوميٽر تي مشتمل آهي جنهن ۾ ڪراچي ڊويزن، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعا شامل آهن ان ۾ ڪراچي پورٽ کان بلوچستان جي حب تائين زمين جنهن تي ڪلمتي، بروهي، ڀنڊ، خاصخيلي، ملاح ۽ ٻيون ذاتيون سوين سالن کان آباد آهن اتي مختلف وقتن تي اهڙيون اسڪيمون آڻي سنڌ جي ڪوسٽل بيلٽ تي سنڌ جي مالڪي وارا اختيار ختم ڪيا ويندا ۽ مستقبل ۾ اتي اٿارٽيز جو قبضو هوندو. هن چيو ته 1991ع پاڻي ٺاهه بابت ارسا کي سمورا اختيار ڏئي مرڪز کي ان جو چيئرمين بڻائي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تنهن ڪري سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود ميمبرن کي گهرجي ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سنڌ جي ماڻهن جو تحفظ ڪري پاڻي، ٻولي ۽ ٻين مسئلن تي ايوانن ۾ آواز اٿارين. آجياڻي واري تقريب ۾ صدر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو غلام دستگير شاهاڻي، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار جو صدر حبيب الله غوري، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري جڳديش آهوجا، ضلعي اڳواڻ محمود ڀٽو، منظور شيخ سميت ايڊووڪيٽ مجاهد علي جتوئي سميت ٻين وڪيلن پڻ شرڪت ڪئي.