گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن عملدارن جي حراست مان فرار ٿيل پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر امتياز چوڌري کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.
اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب امتياز چوڌري کي ملتان ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو جتان هو قطر فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
عملدارن موجب امتياز چوڌري جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ هو ۽ اينٽي ڪرپشن امتياز چوڌري کي ڪڪ بيڪس وٺڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو هو.
You might also like