آءِ پي پيز ۽ پيداواري لاڳت بابت مسئلن کي ڏسي رهيا آهيون: توانائي بابت مددگار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) توانائي بابت خاص مددگار محمد علي چيو آهي ته ڏسي رهيا آهيون ته ڪهڙي نموني سرڪار ۽ واهپيدار تي بار گهٽائي سگهجي ٿو.
نيشنل ٽاسڪ فورس ۽ اسٽرڪچرل ريفارمز ڪاميٽي جي اجلاس کانپوءِ توانائي واري وزير اويس لغاري ۽ خاص مددگار محمد علي پريس ڪانفرنس ڪندي ٽاسڪ فورس ۾ ٿيل اڳڀرائي تي آگاهه ڪيو.
توانائي واري وزير اويس لغاري چيو ته توانائي جو شعبو معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، جيترو جلدي اسان شين کي ٺيڪ ڪنداسين، معيشت بهتر پاسي ويندي.
اويس لغاري جو چوڻ هو ته سڌارن تي عمل ڪري رهيا آهيون، ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي، پاور سيڪٽر سان واڳيل سڀ ادارا ٽاسڪ فورس ۾ شامل آهن، پاڪستان کي توانائي جو هڪ صحتمند شعبو ڏينداسين.
پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي توانائي واري خاص مددگار محمد علي چيو ته آءِ پي پيز ۽ پيداواري لاڳت بابت مسئلن کي ڏسي رهيا آهيون. ان حوالي سان ٽاسڪ فورس جو اجلاس روز ٿيندو جنهن کانپوءِ اڳڀرائي بابت عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.