ملڪي مسئلن جي حل لاءِ آرمي چيف به مشاورت ۾ شامل آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيترو سهڪار حڪومت ۽ آئيني ادارن وچ ۾ اڄ آهي پهريان ڪڏهن ناهي ڏٺو.
اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سپهه سالار به مشاورت ۾ شامل آهن، سمورن معاملن تي سياسي حڪومت ۽ ادارا هڪ پيج تي آهن.
هن چيو ته ملڪ ۾ اڄ سنگين معاشي حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن جو ذڪر آرمي چيف به ڪيو آهي.
وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا تي شهيدن جي بي حرمتي ڪئي وئي وڃي، 9 مئي کان وڌيڪ دل ڏکوئيندڙ واقعو پاڪستان جي تاريخ ۾ ناهي ٿيو، هو جيڪي پاڪستاني هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ ان جي آڙ ۾ دشمني ڪري رهيا آهن انهن کي وائکو ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.