پاڪستان ڀارت کان 71ع واقعن جو پلاند ورتو؟

اسلام آباد(جاويد چوڌري)ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“،عوامي ليگ، ڀارت جا صحافي ۽ دانشور اهو سمجهي رهيا آهن ته بنگلاديش ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي ان ۾ آءِ ايس آءِ جو وڏو ڪردار آهي ۽ 1971ع جي واقعن جو پلاند نئين ڍاڪا سانحي جي صورت ۾ ورتو ويو آهي،جڏهن ته ان صورتحال ۾ الزام هيٺ آيل طاقتور اداري جا ماڻهو ان سوال تي نه ها ڪن ٿا نه ئي نه ڪن ٿا،1971ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي اڄ به پاڪستاني فوج، سياستدان ۽ سوسائٽي انهن تي شرمسار آهي،بنگلاديش ۾ ڀارت جو اثررسوخ وڌندو ويو، پر هاڻي صورتحال ائين ناهي،اندرا گانڌي ڪلچر سينٽر کي باهه ڏئي شيخ مجيب جا مسجما ٽوڙيا ويا، ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ قومي ڪميشن بڻائي حسينه واجد کي ”قومي ڏوهاري“ قرار ڏنو ويندو،هن جي گرفتاري جا نوٽيس جاري ڀارت تي دٻاءُ وڌو ويندو ته ان کي اسان جي حوالي ڪيو وڃي،برطانيا شيخ حسينه کي پناهه ڏيڻ کان انڪاري آهي، آمريڪا هن جي ويزا درخواست رد ڪري ڇڏي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 08 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.