دوحه(م ڊ) يحيٰ سنوار فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سياسي ونگ جو نئون سربراهه مقرر ٿي ويو آهي،حماس پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسماعيل هانيه جي شهادت کانپوءِ هاڻي يحيٰ سنور حماس جي سياسي آفيس جو سربراهه هوندو.يحيٰ سنوار اڳ ۾ غزه ۾ حماس جو سربراهه هو، واضح رهي ته حماس جي سياسي آفيس جو اڳوڻو سربراهه اسماعيل هانيه 31 جولاءِ تي تهران ۾ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو.اسماعيل هانيه ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران آيل هو.