لاهور (ويب ڊيسڪ) سپر اسٽار فواد خان ۽ صنم سعيد جي تڪراري ڀارتي ويب سيريز ” برزخ “ کي يوٽيوب تان هٽايو ويو آهي.
پاڪستاني ڊائريڪٽر عاصم عباسي جي لکيل ۽ ٺاهيل ويب سيريز برزخ ڀارتي پروڊيوسرز پاران پروڊيوس ڪئي وئي آهي ۽ هي سيريز ڀارتي اسٽريمنگ ويب سائيٽ زي فائيو لاءِ ٺاهي وئي آهي.
19 جولاءِ تي ڀارتي يوٽيوب چينل زندگي ۽ زي فائيو تي ريليز ٿيندڙ سيريز بزرخ جي پهرين ۽ ٻي قسط جنهن پاڪستاني ۽ ڀارتي پرستارن جون دليون کٽيون ته وري سيريز جي ٽئين قسط کي ڏسي ڪري پاڪستاني پرستار ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
برزخ جي ٽئين قسط ۾ فحاشي، زنا ۽ ٻاراڻي ذهنيت کان سواءِ ٻن مرد ڪردارن جي وچ ۾رومانوي منظر ۽ جذبو ڏيکاريو ويو .
پاڪستان ۾ هم جنس پرستي جي مواد تي شديد ردعمل کان پوءِ ڀارتي يوٽيوب چينل زندگي انسٽاگرام تي اعلان ڪيو آهي ته 9 آگسٽ تي ويب سيريز کي يوٽيوب تان هٽايو ويندو .