ممبئي (ويب ڊيسڪ) ممبئي هاءِ ڪورٽ انڊيا جي ناليواري راڳي اريجيت سنگهه جي “پرسنيلٽي رائٽس” کي آرٽيفيشل انٽيليجنس کان بچائڻ لاءِ هڪ اهم فيصلو ڪيو ويو آهي .
ڀارتي ميڊيا ذريعن موجب عدالت حڪم ڏنو آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ڳائڻي جو نالو، آواز، چال ۽ شخصيت جا ٻيا طريقا نه ٺاهيا ويندا.
عدالت جي حڪم کانپوءِ ڪا به تنظيم پنهنجي تجارتي فائدي لاءِ اي آءِ ذريعي ارجيت سنگهه جي شخصيت جو سهارو وٺي نه سگهندي.
هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ارجيت سنگهه جي شخصيت کي ڪنهن به ميڊيا پليٽ فارم، پروموشنل مواد ۽ آن لائين مهم لاءِ استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي .
جج پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته اظهار جي آزادي جي باوجود ڪنهن کي به ڪنهن شخص کي سندس مالي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ جو لائسنس نٿو ڏئي سگهجي.