ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ڪندڙ واپڊا چيئرمين استعيفيٰ ڏئي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ستار رند پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته واپڊا چيئرمين ڪالا باغ ڊيم جا اعلان ڪري، پنجاب جي حڪمرانن جي ترجماني ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري هاڻ کيس وفاقي اداري ۾ رهڻ جو ڪو به حق ڪونهي، واپڊا چيئرمين فورن استيفعا ڏئي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته برساتي پاڻي کي روڪڻ بدران وقت سر رستو ڏنو وڃي، واهن ۽ ڪينالن جا بند مضبوط ڪيا وڃن. سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏئي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.