اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري جو بيان سندس ذاتي راءِ آهي، نيئر بخاري جي پارٽي جي قيادت طرفان اسان کي اهڙي ڪا ڳالهه نظر نٿي اچي، پيپلزپارٽي جي ليڊرشپ هر مسئلي تي اسان سان گڏ آهي. حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي۔
ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگينڊا ٿي رهي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده حالتون وقت کان اڳ چونڊن جهڙيون نه آهن، جيڪڏهن ائين ٿيو ته فيصلو حڪومت ڪندي.
سندس چوڻ هو ته اهو ڪو امڪان ناهي ته 9 مئي کي وساري سگهجي، 9 مئي تي هڪ گروهه منظم سازش تحت بغاوت جي ناڪام سازش ڪئي.