ڍاڪا (م ڊ)بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن بعد وزيراعظم حسينه واجد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت هلي وئي. بنگلاديش ۾ هڪ مهيني کان جاري پرتشدد احتجاج ۽ سوين ماڻهن جي موت کانپوءِ بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ملڪ مان فرار ٿي وئي. ڀارت ۾ موجود بنگلاديشي هاءِ ڪميشن وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ جي تصديق ڪري ڇڏي. برطانوي ميڊيا موجب بنگلاديشي وزيراعظم حسينه واجد کي آرمي چيف 45 منٽن جي ڊيڊ لائن ڏني هئي، بنگلاديش جي آرمي چيف وقارالزمان قوم کي خطاب ۾ ملڪ ۾ عبوري حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو آهي. برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب حسينه واجد ۽ ان جي ڀيڻ(وزيراعظم جي سرڪاري رهائشگاهه) تان فوجي هيليڪاپٽر ۾ ڀارت هلي وئي آهي. حسينه واجد تقرير رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿي پر انهي کي ائين ڪرڻ جو موقعو به نه ملي سگهيو. مظاهرين وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي رهائشگاهه تي حملو ڪري ڏنو جنهن کي قابو ڪرڻ جي لاءِ روڊن تي پوليس ۽ فوج جو وڏو انگ موجود آهي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي طرفان اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته شيخ حسينه واجد جي استعيفي ڏيڻ تي بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا جي روڊن تي مظاهرين جشن ملهائي رهيا آهن. هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش ۾ هن وقت 4 لک ماڻهو روڊن تي موجود آهن. بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين لاءِ ڪوٽا سسٽم خلاف هفتن کان جاري پرتشدد احتجاج ۽ مظاهرن کانپوءِ وزيراعظم حسينه واجد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ڍاڪا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تان ڀارت روانو ٿي وئي، جڏهن ته بنگلاديش جي آرمي چيف قوم کي خطاب ڪندي حڪومتي سربراهه جي استعيفيٰ جي تصديق ڪري ڇڏي. بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن ۾ چڪرين دوران مارجي ويلن جو انگ 300 کان وڌي ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حسينه واجد ۽ سندس ڀيڻ گنبهبن (وزيراعظم جي سرڪاري رهائشگاهه) کان ڀارت لاءِ روانيون ٿي ويون آهن. بنگلاديش جي آرمي چيف احتجاج دوران مارجي ويلن جي جاچ جو به اعلان ڪيو ۽ جنرل وقار الزمان چيو ته عوام کي فوج تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، حالتون بهتر ٿينديون، بنگلاديش ۾ امن واپس آڻينداسين. سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيندڙ قوم کي خطاب ۾ هن چيو ته عبوري حڪومت ٺاهينداسين جڏهن ته شيخ حسينه واجد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ کان پوءِ وڳوڙين وزيراعظم هائوس، شيخ حسينه ۽ شيخ مجيب جي ذاتي گهر ۾ به ڀڃ ڊاهه ڪئي، احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس جي گهر ۾ به ڀڃ ڊاهه ڪئي. بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا ۾ سومر تي پرتشدد واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا مارجي ويا آهن. ”اسان کي هينئر تائين هتي 20 لاش مليا آهن ،“ ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي هڪ پوليس انسپيڪٽر وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان سواءِ اي ايف پي کي ٻڌايو. موت جي تعداد جي آزاد طور تي تصديق نه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن بنگلاديشي صدر شهاب الدين بي اين پي سربراهه خالده ضياءُ جي آزادي جو اعلان ڪيو. فوج اڄ اڱاري کان ڪرفيو هٽائڻ ۽ اسڪول ۽ آفيسون کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ کانپوءِ مظاهرين ڍاڪا ۾ شيخ مجيب الرحمان جي ذاتي رهائشگاهه کي باهه ڏئي ڇڏي. بنگلاديش جي مقامي اخبار ڊيلي اسٽار موجب شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ ڏئي ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ مظاهرين ڍاڪا جي علائقي گلستان ۾ عوامي ليگ جي هيڊڪوارٽر کي باهه ڏئي ڇڏي. مقامي ميڊيا موجب واقعو شام 4 وڳي پيش آيو ۽ ان دوران مظاهرين شيخ حسينه واجد ۽ عوامي ليگ خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا. مقامي اخبار موجب ان دوران مظاهرين بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي ذاتي رهائشگاهه 32 دين منڊي کي به باهه ڏئي ڇڏي، جيڪو هاڻي بنگبندو ميموريل ميوزيم آهي.
بنگلاديش ۾ وڳوڙ پاڪستان لاءِ سبق؟
اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني)بنگلاديش ۾ 2019ع کان هڪ يونيورسٽي ۾ سرڪاري نوڪرين جي معاملي تي احتجاج شروع ٿيو جيڪو بعد ۾ وڌندو ويو، ان ملڪ ۾ مسئلو اهو هو ته سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا جو 50 سيڪڙو آزادي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ خاندانن لاءِ مختص هو،تازو جيڪا تحريڪ تيز ٿي ان ۾ سرڪاري نوڪرين سان گڏ پاڪستان وانگر 2024ع جي تڪراري چونڊ نتيجن جو به اهم عنصر شامل هو،حسينه واجد احتجاج ۾ جماعت اسلامي ۽ پاڪستان جي هٿ هجڻ جو الزام به هنيو،جون ۾ شيخ حسينه واجد نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان پريشان هئي، کيس مشورو ڏنو ويو ته پراڻي آرمي چيف جنرل ايس ايم شفيع الزامان جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي،ماڻهو ڀلي احتجاج ڪندا رهن، فوج توهان سان گڏ رهندي پر شيخ حسينه اهو مشورو نه مڃيو کيس ڊپ هو ته خبر ناهي فوج جو ردعمل ڪهڙو هوندو؟هن جنرل وقار الزمان جيڪو هن جي وفادارن ۾ شامل ٿيندو ان کي 23 جون تي نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو پر جنرل وقار الزمان 5 آگسٽ تي پنهنجو”ڪم“ ڏيکاري ڇڏيو،هو برطانيا مان به پڙهي آيو آهي،هن جي گهرواري به هڪ اڳوڻي آرمي چيف جي ڌيءُ آهي، آرمي چيف انهن 12 ڏينهن دوران سمورين سياسي جماعتن سان رابطا ڪيا ۽ بعد ۾ شيخ حسينه واجد سان ملاقات ڪري چيو ته توهان بنگلاديش ڇڏي وڃو،آرمي چيف مارشل لا بدران عبوري حڪومت جو اعلان ڪري پاڪستان لاءِ به سبق ڏنو،شيخ حسينه آمراڻي طرز حڪمراني ڪئي، جيستائين اسان جي سياسي قيادت اخلاق جي اعليٰ معيارن تي نٿي پهچي تيستائين فوج کي پوئتي نٿو ڌڪي سگهجي،
والده مايوس آهي،سياست ۾ واپس نه ايندي: حسينه واجد جو پٽ
ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي پٽ سجيب واجد چيو آهي ته سندس والده جي سياسي واپسيءَ جو ڪو به ارادو ناهي. هوءَ پنهنجي محنت کانپوءِ ڏاڍي مايوس آهي ته هڪ اقليتي ٽولو سندس خلاف بيٺو آهي. بي بي سي سان ڳالهائيندي سجيب واجد چيو ته سندس ماءُ ٻن ڏينهن کان استعيفيٰ ڏيڻ تي غور ڪري رهي هئي ۽ گهر وارن جي اصرار تي پنهنجي حفاظت لاءِ ملڪ ڇڏي وئي آهي. والده شيخ حسينه واجد جي صلاحڪار طور ڪم ڪندڙ سجيب واجد سندس دفاع ڪندي چيو ته هن بنگلاديش جي تقدير بدلائي آهي، جڏهن هن اقتدار سنڀاليو ته رياست تباهه هئي، بنگلاديش هڪ غريب ملڪ هو. اڄ ان کي ايشيا جو اڀرندڙ ٽائيگر سمجهيو ويندو آهي. ٻئي پاسي والده جي استعيفي’ کان اڳ جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ ملڪ جي آرمي چيف کي مخاطب ٿيندي سجيب واجد چيو هو ته هو ملڪ ئي عوام جي حفاظت ڪري، اڻ چونڊيل ماڻهن کي اقتدار ۾ اچڻ کان روڪيو وڃي. زوري اقتدار ختم ڪرڻ سان بنگلاديش جي سالميت کي خطرو ٿيندو.
حسينه سرڪار پرامن احتجاج کي هٿ سان وڳوڙن ۾ تبديل ڪيو: تجزئي نگار
ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد هڪ مهيني کان جاري هنگامن ۽ وڳوڙن کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي وئي. جولاءِ کان سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جي تحريڪ ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو آهي. ڍاڪا ۾ موبائيل فون تي انٽرنيٽ بحال ڪئي وئي. آچر کان سڄي ملڪ ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي وئي. ڍاڪا جي هڪ وڪيل رضوانه مسلم بي بي سي کي ٻڌايو ته پهريان شاگردن جو پرامن احتجاج هو، پر حڪومت ان کي سياسي چال قرار ڏنو، وزيراعظم حسينه واجد احتجاج ڪندڙن کي "پاڪستان جا رضاڪار” قرار ڏنو، جنهن تان هو ڪاوڙ ۾ اچي ويا. حڪومت مطالبا مڃڻ بدران احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون، جنهن کانپوءِ حالتون خراب ٿيون ۽ سوين ماڻهو مارجي ويا. رضوانه چيو ته پهريان شاگردن جا 9 مطالبا هئا پر پوءِ سندن هڪ ئي مطالبو هو ته وزيراعظم شيخ حسينه واجد استعيفيٰ ڏئي. ڍاڪا سان تعلق رکندڙ صحافي نديما جهان ٻڌايو ته حڪومت احتجاج ڪندڙن کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪئي، هر روز قتل جي خبرن ۽ گرفتارين عوام کي روڊن تي اچڻ تي مجبور ڪيو. هن وقت تائين 10 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انساني حقن جي ڪارڪنن موجب حسينه واجد سرڪار جي 15 سالن دوران ڪرپشن کان علاوه جمهوري سرگرمين جي آزادي ۾ به گهٽتائي آئي آهي. حڪومت تي تنقيد ڪندڙ 80 کان وڌيڪ ماڻهو غائب ٿي ويا آهن. رضوانه مسلم چيو ته حسينه واجد انتهائي آمراڻو انداز اختيار ڪيو. حڪومت تي اختلاف راءِ ۽ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جو الزام آهي پر حڪومتي وزير الزامن کي رد ڪن ٿا.
بنگلاديش کي ترقي وٺرائيندڙ حسينه واجد کي آمراڻي روئي ڌوئي ڇڏيو
ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي هٽايل وزيراعظم شيخ حسينه واجد ملڪ کي معاشي طاقت بڻائي پر سندس "آمرن واري روئي” مٿس عوامي ڪاوڙ کي جنم ڏنو. 76 ورهين جي شيخ حسينه بنگلاديش تي لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن تائين حڪومت ڪئي ۽ ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين وزير اعظم رهندڙ عورت هئي. شيخ حسينه بنگلاديش جي معيشت کي وڏي ترقي ڏياري، پر تازن سالن ۾ هن تي آمرن واري رويي جو الزام لڳايو ويو. شيخ حسينه 1947ع ۾ اوڀر بنگال ۾ پيدا ٿي ۽ سياست سندس رت ۾ سمايل هئي. هوءَ قومپرست اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان جي ڌيءَ آهي، 1971 ۾ بنگلاديش جي پاڪستان کان الڳ ٿيڻ وقت شيخ حسينه ڍاڪا يونيورسٽي ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ طور اڀري چڪي هئي. شيخ مجيب الرحمان ۽ سندس خاندان جا ڪيترائي ميمبر 1975ع ۾ فوجي بغاوت ۾ مارجي ويا. رڳو شيخ حسينه ۽ سندس ننڍي ڀيڻ بچي وئي، ڇاڪاڻ ته هو ان وقت ملڪ ۾ نه هيون. شيخ حسينه هندستان ۾ جلاوطني اختيار ڪئي ۽ 1981ع ۾ بنگلاديش واپس اچي پنهنجي والد جي پارٽي عوامي ليگ جي سربراهي سنڀالي. جنرل حسين محمد ارشاد جي فوجي حڪومت دوران هن ٻين سياسي پارٽين سان گڏجي جمهوريت جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان تحريڪ شيخ حسينه کي شهرت جي بلندين تي پهچايو ۽ هوءَ هڪ قومي اڳواڻ طور اڀري. هوءَ 1996ع ۾ ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي. ان دوران سندس حڪومت تي نه رڳو ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا، پر هندستان جي تمام ويجهو هجڻ جي ڪري تنقيد پڻ ڪئي وئي.2001ع ۾ هوءَ پنهنجي اڳوڻي اتحادي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي اڳواڻ بيگم خالده ضياءَ کان اليڪشن هارائي وئي ۽ کيس وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پئي. اهي ٻئي عورتون گذريل ٽن ڏهاڪن کان بنگلاديش جي سياست تي راڄ ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ ۾ "واريئر بيگم” جي نالي سان مشهور آهن. 2009ع ۾ ملڪ ۾ ٿيل چونڊون دوران شيخ حسينه هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي وزيراعظم چونڊجي وئي. اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان پنهنجي سياسي سفر دوران شيخ حسينه کي ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس حملو پڻ ڪيو ويو. بنگلاديش دنيا جي غريب ملڪن مان هڪ هوندو هو، پر حسينه واجد جي قيادت ۾ ملڪ جي معيشت بهتر ٿيندي نظر آئي. اهو هاڻي خطي ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ معاشي طاقتن مان هڪ آهي ۽ ترقيءَ ۾ ڀارت کان به اڳتي آهي. ورلڊ بئنڪ موجب گذريل ڏهاڪي ۾ اٽڪل اڍائي ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير مان نڪري آيا آهن. ملڪ ۾ ٿيل وڳوڙ شيخ حسينه جي سياسي ڪيريئر جو سڀ کان وڏو چئلينج هئا. شاگردن جو اهو احتجاج ملڪ گير حڪومت مخالف تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو.
”انشاءَ الله اهڙا لمحا پاڪستان ۾ به شروع ٿيندا“: سوشل ميڊيا
اسلام آباد(م ڊ) بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ ڏئي پرڏيهه فرار ٿيڻ ۽ بنگلاديش جي آرمي چيف پاران عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ان نئين سياسي صورتحال تي پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا ٿي رهيا آهن.مغيز علي نالي هڪ صارف ايڪس تي لکيو ته گوليون سينا چيري نه سگهيون، طاقت عوام جي سرن کي چيڀاٽي نه ٿي سگهي، نوجوانن جي دلين ۾ آزادي جي باهه انقلاب جي نئين شمع روشن ڪئي.هڪ ٻئي صارف جو چوڻ هو ته آخرڪار پاڪستاني حامي کٽي ويا ۽ ڀارتي ڪٺ پتلي شيخ حسينه واجد هارائي. مبارڪون بنگلاديش. ثنا مير جو چوڻ آهي ته بنگلاديش جي چيف آف آرمي اسٽاف پنهنجا هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن ۽ تمام جلد هڪ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ واري آهي، حسينه واجد به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، انشاءَ الله اهي لمحا هاڻي پاڪستان ۾ شروع ٿيندا.هڪ صارف لکيو ته بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد پنهنجا حق گهرڻ وارن شاگردن کي رضاڪار جو لقب ڏنو، بنگلاديش ۾ رضاڪار جو مطلب غدار آهي، رضاڪار اهي هئا جن 71 جي جنگ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. ان سان گڏ صارف لکيو ته ڪهڙي قيادت کين ٻاهر ڪڍيو؟صحافي اسد علي طور به بنگلاديشي عوام جي فتح تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته بنگلاديش مزاحمت خلاف تاريخ رقم ڪئي آهي.وقار خان نالي هڪ صارف لکيو ته بنگلاديش جي زلي شاهه پنهنجي جان ڏئي ڇڏي پر قوم کي جاڳائي ڇڏيو.محمد سعد جو چوڻ آهي ته هو بنگلاديش جي بهادر شاگردن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جن حسينه واجد جي 15 سالن جي آمريت کي ختم ڪيو ۽ ان سان گڏ ڀارتي پراڪسي به ختم ڪئي.مشهور صحافي فريحا ادريس تبصرو ڪندي صرف ايترو لکيو ته ڍاڪا جو زوال، حصو 2.۽ هڪ ايڪس يوزر دعويٰ ڪندي لکيو ته ”مون کي هاڻي يقين ٿي ويو آهي ته پاڪستان جي آزاديءَ ۾ اوڀر پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته اڄوڪي پاڪستان جو آزاديءَ ۾ ڪو به ڪردار نه هو.
ثابت ٿيو عوام اڳيان ڪا به قوت بيهي نه ٿي سگهي: مليحا لوڌي
اسلام آباد(م ڊ) بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ تي اڳوڻي پاڪستاني سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته جڏهن عوام روڊن تي اچي ٿو ته ڪا به قوت سندن اڳيان بيهي نه ٿي سگهي، هن چيو ته عوام جي طاقت بنگلاديش مان حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو آهي، شيخ حسينه واجد جي دور ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي وڌي وئي، هن چيو ته بنگلاديش ۾ ڪرپشن جو وڏو مسئلو سامهون آيو آهي.
شيخ حسينه واجد جي 16 سالن تائين رهندڙ اقتدار جو خاتمو
ڍاڪا ( م ڊ ) بنگلاديش جي سڀ کان وڏي عرصي تائين وزير اعظم رهندڙ شيخ حسينه واجد جي 16 سالن کانپوءِ اقتدار کان هٿ ڌوئي ويٺي آهي. شيخ حسينه واجد 2009ع کان مسلسل اقتدار ۾ هئي، هوءَ هن سال جنوري ۾ چوٿون ڀيرو وزيراعظم چونڊجي وئي، پر بنگلاديش جي گذريل چونڊ عمل ۾ مخالف ڌر طرفان مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو. ان کان اڳ حسينه واجد 3 ڀيرا اپوزيشن ليڊر رهي هئي. حسينه واجد کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وقت تائين حڪومت ڪندڙ عورت سربراهه جو به اعزاز حاصل آهي. 76 سالن جي حسينه واجد بنگلاديش جي پهرين صدر شيخ مجيب الرحمان جي ڌيءَ آهي. واضح رهي ته بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف هڪ مهيني کان جاري احتجاج کانپوءِ وزيراعظم شيخ حسينه واجد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. تازن احتجاج دوران حڪومت ٻيو ڀيرو تيز رفتار انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بڪ ۽ واٽس اپ جون خدمتون به معطل ڪيون ويون آهن .
بنگلاديش جي صورتحال تي برطانيا کي ڳڻتي
لنڊن (م ڊ) برطانوي وزيراعظم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ۾ جمهوريت جي تحفظ لاءِ جلد اپاءَ ضروري آهن. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر بنگلاديش ۾ گذريل هفتن دوران تشدد سبب مايوس ٿيو. اسان کي اميد آهي ته جلد اپائن سان جمهوريت بحال ٿيندي ۽ بنگلاديش ۾ ماڻهن لاءِ امن ۽ تحفظ ڏانهن اڳڀرائي ٿيندي. ذريعن موجب شيخ حسينا امڪاني طور لنڊن وڃي سگهي ٿي پر تصديق ناهي ٿي.
خالده ضياءَ آزاد، عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل
ڍاڪا: ملڪ جي صدر ڪرپشن ڪيس ۾ قيد بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه خالده ضياءُ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. بي اين پي سربراهه بيگم خالده ضياءَ ۽ وقتي چيئرمين طارق رحمان ملڪ ۾ جاري صورتحال جي تناظر ۾ عوام کي پرامن رهڻ جو چيو آهي. بي اين پي جي سيڪريٽري جنرل مرزا فخر الاسلام چيو آهي ته عوامي ليگ جي حڪومت ختم ٿيڻ سان سندن مطالبا پورا ٿي ويا آهن، تنهن ڪري کين هاڻي پرامن رهڻ گهرجي. هن اهڙو پيغام آرمي چيف جنرل وقار الزمان سان ملاقات کانپوءِ ڏنو.
آزادين تي پابندين سان ماڻهو بغاوت تي لهي ايندا آهن:حامد مير
اسلام آباد(م ڊ)تجزئي نگار حامد مير چيو آهي ته حسينه واجد جمهوري حڪمران بدران ڊڪٽيٽر طور حڪمراني ڪري رهي هئي، هن هزارن جي انگ ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ مخالفن کي گرفتار ڪيو هو،هن تمام گهڻيون پابنديون هنيون هيون اها ڳالهه درست آهي ته هن جي دور ۾ بنگلاديش گهڻي ترقي ڪئي هئي، پر جهڙي طريقي سان هو ڀارت فرار ٿي آهي ان ۾ سڀني لاءِ هڪ سبق آهي ته معاشي ترقي سڀ ڪجهه ناهي هوندي،هن چيو ته عوام تي پابنديون لڳن، سياسي آزاديون سلب ٿين ته ماڻهو پوءِ بغاوت تي لهي ايندا آهن،شيخ حسينه جو جماعت اسلامي تي پابندي وارو فيصلو به ڪارگر ثابت نه ٿيو، نئين سيٽ اپ ۾ جماعت اسلامي تي پابندي ختم نٿي ٿئي ته پوءِ اهو سمجهيو ويندو ته بنگلاديش جي فوج اڃا به ڀارت جي ڪنٽرول ۾ آهي،