پيرس (ويب ڊيسڪ) پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ فتح جو آخري اميد ارشد نديم سڀاڻي جيولين ٿرو جي مقابلي ۾ ايڪشن ۾ هوندو. ورلڊ چيمپيئن شپ جي سلور ميڊلسٽ جيولين ٿرو جون تياريون جاري آهن ۽ قومي ايٿيلٽس سٺي نتيجن لاءِ پرعزم آهن.
ان کان اڳ پيرس اولمپڪس ۾ غلام مصطفيٰ بشير به 25 ميٽر ريپڊ پستول شوٽنگ ايونٽ ۾ پهرين رائونڊ کان اڳتي وڌڻ ۾ ناڪام رهيو هو.
ان کان علاوه پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل 7 مان 6 ايٿيلٽس جو سفر پهرين مرحلي ۾ ئي ختم ٿي ويو.پيرس اولمپڪس ۾ ميڊلز جي مقابلي جي اٺين ڏينهن به چين جي بالادستي جاري رهي ۽ چين 16 گولڊ ميڊلن سان پهرين نمبر تي آهي.
گيمز جي 8 هين ڏينهن آمريڪي رانديگرن به شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي پنهنجي ملڪ کي 14 گولڊ ميڊلز سان ٻي پوزيشن تي آڻي ڇڏيو.