لنڊن (ويب ڊيسڪ)انگلينڊ جو اڳوڻو ڪرڪيٽر گراهم ٿورپ 55 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. رپورٽن مطابق گراهم ٿورپ 2022 ع کان سخت بيمار هو ۽ علاج هيٺ هو، جڏهن ته سندس بيماري جو سبب سامهون ناهي آيو.
انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته وڏي ڏک سان اهو اعلان ڪريون ٿا ته گراهم ٿارپ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سندس موت جو صدمو ناقابل بيان آهي.
کاٻي هٿ وارو ڪپتان گراهم ٿارپي 1993ع کان 2005ع تائين انگلينڊ لاءِ 100 ٽيسٽ ميچن ۾ 44.66 جي اوسط سان 16 سينچرين جي مدد سان 6744 رنسون ٺاهيون.
ان کان علاوه هن انگلينڊ لاءِ 82 ون ڊي ميچون به کيڏيون جنهن ۾ هن 2 هزار 380 رنسون ٺاهيون.ريٽائرمينٽ کانپوءِ گراهم ٿورپ انگلش ٽيم جي ڪوچنگ جا فرض سنڀالي ورتا ۽ بيٽنگ ڪوچ پڻ رهيو.