فوج هميشه عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ بيٺل رهندي: بنگلاديشي آرمي چيف

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي آرمي چيف جنرل وقار الزمان چيو آهي ته فوج هميشه عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ رهندي.

بنگلاديش جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) ڊائريڪٽوريٽ موجب آرمي چيف گذريل ڏينهن آفيسرن کي خطاب ڪيو.

بنگلاديش ۾ جاري پرتشدد عوامي احتجاج دوران آرمي آفيسرن کي خطاب ڪندي هن فوج کي هدايت ڪئي ته هو عوام جي جان و مال ۽ اهم سرڪاري سهولتن جي حفاظت کي هر قيمت تي يقيني بڻائي.

بنگلاديش جي آرمي چيف چيو ته بنگلاديش فوج هميشه عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ عوام جي مفادن ۽ رياست جي ڪنهن به ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ائين ڪندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.