آءِ ايم ايف کان ڪهڙي حڪومت ڪيترو قرض ورتو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني حڪومتن طرفان آءِ ايم ايف کان ورتل قرض جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
اقتصادي مامرن واري وزارت جي اختيارين طرفان قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جا دستاويز پيش ڪيا ويا.
دستاويزن موجب، پيپلزپارٽي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ واري معاملي سڀني کان اڳري رهي، پ پ حڪومت 2008 کان 2013 تائين ايس ڊي آر کان پنج ارب 23 ڪروڙ کان وڌيڪ قرض ورتو، اِها رقم آمريڪي ڪرنسي ۾ ست ارب 72 ڪروڙ 59 لک ڊالرز ٿئي ٿي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيل دستاويزن موجب، آءِ ايم ايف کي 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض واپس ڪيو ويو، پ پ طرفان آءِ ايم ايف کي 48 ڪروڙ 40 لک ڊالر کان وڌيڪ وياج ادا ڪيو ويو.
دستاويزن موجب، پ پ کانپوءِ نون ليگ آءِ ايم ايف کان سڀ کان وڌيڪ قرض ورتو، نون ليگ 2013 کان 2018 تائين چار ارب 39 ڪروڙ ايس ڊي آر قرض ورتو، 5 ورهين دوران ورتل رقم آمريڪي ڪرنسي ۾ ڇهه ارب 48 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ٿئي ٿي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيل دستاويزن موجب، ان دوران چار ارب کان وڌيڪ ايس ڊي آر قرض واپس ڪيو ويو، پنجن سالن دوران واپس ڪيل قرض پنج ارب 92 ڪروڙ ڊالر ٿئي ٿو، نون ليگ 5 ورهين دوران 31 ڪروڙ 77 لک ڊالرز کان وڌيڪ وياج ادا ڪيو.
دستاويزن موجب، پي ٽي آءِ حڪومت چار ارب پنج ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ايس ڊي آر قرض ورتو، 2018 کان 2022 تائين آءِ ايم ايف کان ورتل قرض اٽڪل ڇهه ارب ڊالر ٿئي ٿو، تحريڪ انصاف حڪومت ٻه ارب 72 ڪروڙ ايس ڊي آر قرض واپس ڪيو، آمريڪي ڪرنسي ۾ واپس ڪيل اِهو قرض چار ارب 2 ڪروڙ ڊالر ٿئي ٿو، جڏهن ته 2018 کان 2022 تائين آءِ ايم ايف کي 79 ڪروڙ 11 لک ڊالر وياج ادا ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.