ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) مسلسل واڌ اڄ ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ ۾ في تولو سون 5 سئو رپيا سستو ٿيڻ بعد 2 لک 56 هزار 8 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 429 رپيا لاٿ بعد 2 لک 20 هزار 165 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 15 ڊالر سستو ٿيڻ بعد 2 هزار 334 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
You might also like