ڍاڪا: شاگردن جو هڪ ڀيرو وري حڪومت خلاف ملڪ گير احتجاج جو اعلان

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) شاگرد تحريڪ اڄ وري بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي حڪومت خلاف ملڪ گير احجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شاگردن تنظيمن آچر کان اڻ اعلانيل مدي تائين عدم سهڪار تحريڪ جو سڏ ڏنو آهي ۽ شاگرد ڪوٽا مخالف مظاهرن ۾ مارجي ويلن لاءِ انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڍاڪا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ احتجاج دوران ٻه ڄڻا فوت ۽ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جڏهن ته گذريل مهيني کان جاري مظاهرن ۾ فوتگين جو ڪُل انگ 200 کان وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.