اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن ادارن کي تپيل تئي تي ويهاري ڇڏيو

اسلام آباد (معظم فخر): اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز ادارن کي تپيل تئي تي ويهاري انهن جون دانهون ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لڳي ٿو ته هڪ وڏو طوفان رياست ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ اهو رياستي ادارن ڏانهن وڌي رهيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن جسٽس گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ٻن الڳ الڳ ڪيسن ۾ ادارن خلاف هڪجهڙا رمارڪس ڏيندي انهن تي مداخلت جا الزام لڳايا. جسٽس گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي گم ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي وزيراعظم شهباز شريف کي حڪم ڏنو آهي ته کيس 6 آگسٽ تائين بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. جيڪڏهن هو بازياب نه ٿيو ته وزيراعظم ۽ ادارن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي به ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته گم ٿيل ماڻهن جي هڪ ڪيس ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس بابت جمع ٿيل مواد حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ ڪافي آهي. انهن ڪيسن جا رمارڪس هڪ ئي سڪي جا پاسا آهن. اهڙا رمارڪس ادارن ۾ تڪرار وڌائي رهيا آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 03 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.