اسلام آباد(معظم فخر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ جي 7 جولاءِ واري مخصوص سيٽن بابت ڪيس جا بکيا اڊيڙي ان کي چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل ڪيل نظرثاني واري درخواست ۾ فيصلي تي ڪيترائي سوال ۽ اعتراض اٿاريا آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين کان مٿاهون آهي ۽ ان سان آئين جون ڪيتريون ئي شقون بي اثر ٿي ويون آهن. ان فيصلي تي عمل ڪيو ويو ته ان سان اليڪشن جو سمورو عمل بي اثر ٿي ويندو. اليڪشن ڪميشن ان فيصلي کانپوءِ لڳاتار گڏجاڻيون ڪوٺائي فيصلي تي غور ويچار ڪري نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي وئي. هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو ايندو ته ان تي عمل ڪرڻ سان نوان تڪرار جنم وٺندا. سپريم ڪورٽ اهڙو فيصلو ڪري پاڻ ئي ڄار ۾ ڦاسي پئي آهي، ان کي فيصلي کي آئيني ڪور ڏيڻ لاءِ بي وڏي آئيني لتاڙ ڪرڻي پوندي. ماڻهن کي هاڻي ان تفصيلي فيصلي جو انتظار آهي، اها ڪهاڻي اڃا ختم ناهي ٿي، ان جي هاڻي شروعات ٿي آهي ۽ اها پري تائين وڃڻ واري آهي ۽ ان جا نتيجا به انتهائي ڀيانڪ نڪرندا.