پوليس اهلڪار قتل ڪيس ۾ متحده ڪارڪن عبيد ڪي ٽو کي جنم ٽيپ

ڪراچي ( رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 1998ع ۾ قتل ٿيل پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ  تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن عبيد  ڪي ٽو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي. عدالت موجب جوابدار عبيد ڪي ٽو مارجي ويل پوليس اهلڪار دلدار جي وارثن کي پنج لک رپيا ڏيندو.  جولاءِ 1998 ۾ جوابدارن نادر شاهه، عبيد ڪي 2 ۽ ٻين پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي هئي، جوابدارن جي فائرنگ ۾ حوالدار دلدار مارجي ويو ۽ پوليس اهلڪار ممتاز زخمي ٿي پيو، جنهن بعد جولاءِ ۾ لياقت آباد ٿاڻي ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. 1998 ۾ داخل ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.