ڪراچي(بي بي سي) گوادر،پارا چنار ۽ بنون واقعا ميڊيا تان غائب، اهڙن واقعن کي ڪوريج نه ڏيڻ فيڪ نيوز جو سبب بڻجي ٿو؟ ڪوئيٽا مان شايع ٿيندڙ روزاني انتخاب جي ايڊيٽر انور ساجدي جو چوڻ آهي ته اسان کي ماهه رنگ بلوچ جي پريس ڪانفرنس روڪڻ لاءِ چيو ويو، اسان انڪار ڪيو پوءِ اختيارين ٻن وڏين اردو اخبارن جي آفيسن ۾ اچي پيسٽنگ ٽيبل تان ماهه رنگ جي خبر هٽرائي، انتخاب اخبار جا اشتهار مستونگ ۾ شروع ٿي گوادر پهچندڙ احتجاج جون خبرون شايع ڪرڻ کانپوءِ بند ڪيا ويا،اي پي اين ايس ۽ سي پي اين اي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ انور ساجدي جي بيان جي تصديق ڪئي وئي، چيو ويو ته بلوچستان ۾ پريس ايڊوائيس کانپوءِ هاڻي باقاعده سينسرشپ لاڳو ڪئي وئي آهي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند سينسر شپ الزامن کي رد ڪندي چيو ته ڪو لکت ۾ حڪم نامو ڏيکاريو جيڪو حڪومت جاري ڪيو هجي، بنون ۾ امن مارچ تي فائرنگ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪيترين ئي فوتگين جون خبرون،تصويرون ۽ وڊيوز عام ٿيون،بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي احتجاج دوران به مستونگ ۾ زخمين ۽ ماڻهو مارجڻ جي انگ تي سوشل ميڊيا تي متضاد دعوائون ڪيون ويون جڏهن ته حقيقي انگ گهٽ هو،اها ڳالهه به اهم آهي ته اهڙن واقعن ۾ رياست ۽ فوج مخالف جذبا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي وائيس چيئرمين وهاب بلوچ چيو ته ڪجهه صحافين کان علاوه قومي ميڊيا بلوچستان جي سنگين مسئلي تي هڪ لفظ به ناهي ڳالهايو، سمورن ٽاڪ شوز ۾ مظلومن بدران مخالفن جو بيانيو ٻڌو ويو،سينئر صحافي مجاهد بريلوي چيو ته قومي ميديا ڪوشش ڪري رهي آهي پر دٻاءُ گهڻو آهي، انهن جا معاشي مفاد پيشيوراڻين ذميوارين تي غالب اچي ويا آهن،پاڪستان جي هڪ ٻئي نيوز چئنل جي ڪنٽرولر نيوز نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي، پشتون تحفظ موومينٽ ۽ سنڌي قوم پرست جماعتون رياست ۽ رياستي ادارن خالف نعرا لڳائينديون ته انهن جون خبرون روڪيون وينديون آهن،صحافي افتخار فردوس چيو ته پاڪستاني ميڊيا سيلف سينسرشپ به لڳائي رکي آهي، انهن جي ذهنن ۾ اهو خوف آهي ته جيڪڏهن مزاحمتي تحريڪن کي مين اسٽريم تي اچڻ ڏنو ته اهو نه ٿئي ڪٿي رياستي ادارا ناراض ٿي وڃن، تجزئي نگار ۽ ڪالم نگار ڊاڪٽر پروفيسر توصيف احمد چيو ته رياست مين اسٽريم ميديا کي ريگيوليٽ ڪندي آهي، سرڪاري مشينري جو خيال آهي ته انهن جي ڪوششن سان انفارميشن کي ماريو ويندو پر ڪي پي ۽ بلوچستان جي مثال مان اهو واضح آهي ته معلومات کي مارڻ جي ڪوشش سان اها مرندي ناهي بلڪه وڌيڪ پکڙجندي آهي، لمز يونيورسٽي جي پروفيسر ندا ڪرماڻي چيو ته مسئلو اهو آهي ته سوشل ميڊيا ۾ اصلي خبر به هوندي ۽ ڪوڙي خبر به هوندي آهي پر جڏهن توهان قومي ميڊيا کي ايترو ڪنٽرول ڪندا ته ماڻهن وٽ سوشل ميڊيا کان علاوه ڪو ٻيو آپشن ناهي،