اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته توهان ماڻهو ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهيا آهيون.ڪالهه جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ کي احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي جي شروعات تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته 26 جولاءِ تي احتجاج ڪرڻ لاءِ 22 جولاءِ تي درخواست ڏني هئي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي فيصلي تي توهين عدالت ٿي آهي؟ اسٽيٽ ڪائونسل چيو ته اسان طرفان ٻه آرڊر پاس ڪيا ويا. عدالت چيو ته توهان لکيو آهي ته 20 آگسٽ کانپوءِ ڪنهن به هنڌ احتجاج ڪري سگهو ٿا.عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل کي چيو ته هن تي ته توهين عدالت نه ٿي ٺهي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته فيض آباد بند ٿيڻ سان قوم جو نقصان ٿي رهيو آهي، ڊي چوڪ تي احتجاج تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، فيض آباد ۾ گذريل ڌرڻي دوران ايمبولينس ۾ ڪيترا ماڻهو فوت ٿيا؟ حڪمران پارٽي اجازت گهرندي ته توهان پليٽ تي رکي ڏئي ڇڏيندا، ڇا توهان پارڪ ۾ احتجاج جي اجازت ڏني؟ پارڪ هڪ پارڪ هوندو آهي، ان کي پارڪ ئي رهڻ ڏيو، ضابطا ٺاهيو، احتجاج لاءِ هنڌ مخصوص ڪريو، توهان ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻائڻ ۾ ته ڪا به ڪسر نه ٿا ڇڏيو، ڏسون ته توهين عدالت ٺهي ٿي يا نه، ان بابت آرڊر پاس ڪندس.اسٽيٽ ڪائونسل چيو ته ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي 22 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڏني آهي.پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسان جي اها درخواست پريس ڪلب ٻاهران احتجاج لاءِ آهي جلسي لاءِ ناهي، جلسي جي اجازت لاءِ ڪيس عدالت ۾ آهي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته اهڙي صورتحال سبب ماڻهو توهان جي ملڪ ۾ نٿا اچن، اليڪشن ڪميشن وٽ سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جا تفصيل هوندا آهن. انهن تفصيلن تحت احتجاج ۾ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ وارين پارٽين جا اڪائونٽس اٽيج ڪري سگهو ٿا.هي توهين عدالت جي درخواست آهي، آئون هنن کي يا ته جيل ۾ وجهي ڇڏيندس يا وري ڇڏي ڏيندس.