اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) ماڇڪو پوليس جي ڪچي ۾ آپريشن ۽ چئن ڏوهارين مارجڻ کانپوءِ ڏوهارين پلاند طور چوڪي تي حملو ڪري ٽن پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ماڇڪي ٿاڻي جي حد ۾ ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس جي آپريشن ۾ 4 ڏوهاري مارجي ويا هئا، ايس ايڇ او ماڇڪو راڻا رمضان شهيد ٿيو هو ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿيو هو. ڏوهارين رات دير سان ڀنگ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي چوڪي تي حملو ڪيو جنهن ۾ ڊيوٽي تي موجود 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا جن ۾ جهانگير، امتياز ۽ طارق حسين شامل آهن. واقعي کانپوءِ پنجاب پوليس جي وڏي نفري پهچي ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.