راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ايندڙ 15 ڏينهن ۾ نئون سياسي اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ باني جيل مان حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي شهادت تي افسوس ۽ مذمت جو اظهار ڪيو آهي. اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جو چوڻ هو ته وڏو سياسي اتحاد ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، ايندڙ 15 ڏينهن ۾ وڏو اتحاد ٺاهينداسين، اسان انهن سمورين پارٽين سان اتحاد ڪنداسين جيڪي حڪومت جي خلاف آهن،
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي غيرقانوني طور تي جيل ۾ رکيو ويو آهي، پي ٽي آءِ باني سميت تمام بيگناهه قيد ڪاٽيندڙن خلاف آواز اٿاريو آهي، سڄي ملڪ مان شهرين کي جلسي ۾ پهچڻو آهي ته جيئن اسان ٻڌائي سگهون ته ملڪ آئين موجب ئي هلي سگهي ٿو.
اسد قيصر وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي حمايت ڪيون ٿا.