اسلام آباد (منيب فاروق) پي ٽي آءِ باني عمران خان پاڪ فوج کي ڳالهين لاءِ منٿن تي لهي آيو آهي. هو پاڻ فوج کي سياست ۾ گهلي رهيو آهي، جنهن جا نتيجا سٺا نه نڪرندا. جڏهن ته حڪومت سان پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ تيار ناهي. سرڪار پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون نه ڏيارڻ لاءِ قانون ۾ ترميمون قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيون آهن، جنهن جو مقصد پي ٽي آءِ کي پارليامنٽ اندر طاقت وڍائڻ کان روڪڻ آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي پهريان به لتاڙ ٿيندي رهي آهي، هاڻي به حڪومت ان فيصلي کي لتاڙڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف اسلام آباد جي هڪ صحافي امتياز گل انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي حڪم تي پاڪ فوج جي هڪ برگيڊيئر اڊيالا جيل پهچي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪري کيس آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن هو 9 مئي سانحي تي معافي وٺي ته کيس اقتدار ڏنو ويندو پر عمران خان معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن.