حڪومت ۽ جماعت اسلامي ۾ ڳالهين جو ٻيو دور مڪمل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي ۾ حڪومت ۽ جماعت اسلامي جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿي ويو، حڪومتي وفد سان گڏ آيل ٽيڪنيڪل ٽيم جي ميمبرن جماعت اسلامي جي وفد کي ابتدائي بريفنگ ڏني.
ذريعن موجب، ڳالهين کانپوءِ جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو ته پهرين رائونڊ ۾ مطالبا حڪومت آڏو رکيا ويا هئا.
هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ حڪومتي ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي ماڻهن به شرڪت ڪئي، ٽيڪينڪل ڪميٽي ڪنهن مطالبي يا نڪتي کي رد ناهي ڪيو.
لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته حڪومت ٽيم کي واضح ڪيو آهي ته مهانگائي گهٽائي وڃي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ انتظامي خرچ گهٽايا وڃن.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو مطالبو ورجائيندي چيو ته حڪومت آءِ پي پيز جي معاهدن تي نظرثاني ڪري ڇو ته آءِ پي پيز جهنجهٽ آهي جنهنڪري صنعت تباهه ٿي چڪي آهي ۽ واپار ختم ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته 28 جولاءِ تي حڪومت ۽ جماعت اسلامي جي وچ ۾ ڳالهين جي پهرئين مرحلي کانپوءِ حڪومت جماعت اسلامي جي سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪندي معاملن کي حتمي طور طئي ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جوڙي هئي.
ٻئي پاسي جماعت اسلامي جو بجلي جي اگهن ۾ واڌ، آءِ پي پيز ۽ مهانگائي ۽ ٽيڪسز خلاف ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.